انجڻ فيل ٿيڻ تي دوحا کان فلپائن ويندڙ جهاز ڪراچي ۾ لهي آيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قطر جي شهر دوحا کان فلپائن جي شهر اينجلس ويندڙ جهاز جي ڪراچي ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي.

ايئرپورٽ ذريعن موجب اڏام QR 926 قطر کان فلپائن وڃي رهي هئي ته ان جي هڪ انجڻ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ بند ٿي وئي.

سول ايوي ايشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 39 هزار فٽ جي بلندي تي پرڏيهي جهاز ۾ خرابي پيدا ٿي هئي، پائلٽ مئي ڊي جو سڏ ڏنو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ فوري ايمرجنسي لينڊنگ جي اجازت گهري وئي هئي، اجازت ملڻ بعد جهاز ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي محفوظ لينڊ ڪيو.

سي اي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ سوار 187 مسافرن کي لانچ ۾ منتقل ڪيو ويو.

مسافرن کي فلپائن وٺي وڃڻ لاءِ پرڏيهي ايئر لائن جو متبادل جهاز ڪراچي پهچي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تباهه ٿيل جهاز جي مرمت لاءِ پرڏيهي ايئر لائن جا انجنيئر ڪراچي پهچي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.