نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عورتن سان زيادتي جا واقعا وڌندا پيا وڃن ۽ وڌيڪ هڪ ناريءَ کي هوس جو نشانو بڻايو ويو آهي.
ڪلڪتي جي آر جي ڪار اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي کي لڄالٽ کانپوءِ قتل ڪرڻ جي واقعي بعد روز ڪا نه ڪا افسوسناڪ خبر سامهون اچي رهي آهي.
هاڻ ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي علائقي رت ناگري مان به انتهائي افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ رڪشا ڊرائيو نرسنگ جي شاگردياڻي کي ڪاليج مان گهر ويندي نشو ڏئي جنسي هوس جو نشانو بڻايو.
مهاراشٽرا پوليس موجب رڪشي ڊرائيور شاگردياڻي کي نشي وارو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو، جيڪو پيئندي ئي هوءَ بيهوش ٿي وئي ۽ پوءِ ڊرائيور ان کي ڏورانهن علائقي ۾ وٺي ويو ۽ اتي لڄالٽ جو نشانو بڻايو.
پوليس موجب ناري هوش ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي گهر ڀاتين کي گهرايو ۽ واقعي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، هوءَ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان رڪشي ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
Next Post
You might also like