اڪثر ملازم آفيس جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ به پاس جي ميسيجن، اي ميلز يا ڪالز تي پريشان ٿي ويندا آهن.
پر آسٽريلوي حڪومت پنهنجي شهرين جو اهو مسئلو حل ڪندي هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي.
آسٽريليا ۾ ملازمن کي آفيس ۾ ڪم کانپوءِ ”ڊس ڪنيڪٽ“ ٿيڻ جو حق حاصل ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا ۾ هڪ نئين قانون تحت ملازمن کي اهو حق ڏنو ويو آهي ته اهي آفيس جي وقت کانپوءِ پنهنجي باس جي ڪالز يا پيغامن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهندا، جنهن لاءِ کين ڪنهن به قسم جي سزا نه ملندي.
نئون قانون آفيس مالڪن کي ملازمن سان رابطو ڪرڻ کان روڪي نٿو پر اهو عملي کي ڪنهن مجبوري جي صورت ۾ جواب نه ڏيڻ جو حق ڏئي ٿو.
گذريل سال هڪ سروي ۾ اندازو لڳايو ويو هو ته آسٽريليا ۾ ملازم ساليانو سراسري طور 281 وڌيڪ بنا معاوضي اوور ٽائم ڪندا آهن.
آسٽريليا کانسواءِ يورپ ۽ لاطيني آمريڪا جي 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ به اهڙا قانون موجود آهن.
You might also like