ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڌي نيشنل گرڊ مان فيصل آباد ويندي آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ سنڌ حڪومت جي ٻه بلين رپين جي سيڙپڪاري جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته ٿر مان 3 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي آهي ۽ اها سڌي نيشنل گرڊ مان فيصل آباد ويندي آهي، ٿر جي بجلي سنڌ ۾ استعمال ناهي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ موجود ڪوئلي سان سڄي ملڪ ۾ بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا، 10 سال اڳ چيو هو ته رينيو ايبل انرجي ۾ سيڙپڪاري ڪيو، اڄ اسان جي ڳالهه درست ثابت ٿي رهي آهي.
					You might also like
		
	
	
					 
			