سنڌي هجڻ تي فخر آهي: تمنا ڀاٽيا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا تمنا ڀاٽيا چيو آهي ته کيس سنڌي هجڻ تي فخر آهي.
پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي تمنا ڀاٽيا انڪشاف ڪيو ته هوءَ جڏهن سنڌي ڪپڙا پهريندي آهي ته خوشي ۽ راحت محسوس ڪندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته کيس سنڌي هجڻ تي فخر آهي، ان کانسواءِ هوءَ سنڌي کاڌا پڻ ڏاڍي شوق سان کائيندي آهي.
واضح رهي ته تمنا ڀاٽيا ان کان اڳ جڳ مشهور ڀارتي شو دوران به اداڪارا تمنا ڀاٽيا واضح ڪيو هو ته مان پنجابي نه سنڌي آهيان.
ان شو دوران ڪپل شرما تمنا بابت ٻڌايو ته ”هيءَ آهي ته پنجابڻ پر ڏکڻ فلمون گهڻيون ڪيون اٿائين“.
اهو ٻڌندي ئي تمنا چئي ٿي ته ”ڪپل بيهه، ائين ناهي ته مان پنجابي آهيان، نه مان پنجابڻ آهيان ۽ نه ڏکڻ ڀارت سان واسطو رکان ٿي پر مان سنڌي آهيان“.
اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”جيئن ڪپل مون کي پنجابي چئي ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو مون کي هر جاءِ تي اهو ٻڌائڻو پوندو آهي ته مان سنڌي آهيان“.
تمنا ڀاٽيا ڪيئي بالي ووڊ ۽ ڏکڻ ڀارتي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، هوءَ آخري ڀيرو ويجهڙائي ۾ رليز ٿيندڙ ۽ ڪيئي نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ استري ٽو ۾ نظر آئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.