برطانوي جيلون ڏوهارين سان ڀرجي ويون، گنجائش ختم

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي جيلن ۾ گنجائش ختم ٿي وئي، تازن وڳوڙن ۾ گرفتارين سبب جيلون ڀرجي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي حڪومت قيدين جو انگ گهٽ ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، جيلن ۾ جاءِ نه هجڻ سبب پيشي جي منتظر قيدين کي پوليس سيل ۾ رکيو ويندو.
جيلن ۾ گنجائش لاءِ ”آپريشن ارلي ڊان“ شروع ڪيو ويو آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته هنگامي قدمن سان جيلن تي پوندڙ بار گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.