لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي فاسٽ بالر حسن کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سندس انجري واري معاملي تي رابطو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن عليءَ کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته سندس ٺونٺ جو علاج انگلينڊ ۾ ڪرايو ويندو.
ذريعن موجب،فاسٽ بالر حسن علي جي ٺونٺ جي سرجري آگسٽ جي آخري هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، هو پي سي بي جي خرچ تي 25 يا 26 آگسٽ تي انگلينڊ روانو ٿيندو.
ياد رهي ته حسن علي انگلينڊ ۾ ڪائونٽي سيزن دوران ٺونٺ جي انجري جو شڪار ٿي ويو هو، حسن علي سرجري کانپوءِ ٽي کان چار مهينا آرام ڪندو ۽ ڊسمبر ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي ڪندو.
Prev Post
You might also like