بنگلاديش جي عبوري حڪومت 15 آگسٽ جي موڪل ختم ڪري ڇڏي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت ملڪ ۾ 15 آگسٽ جي موڪل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
15 آگسٽ 1975 تي شيخ مجيب الرحمان جي قتل تي هر سال 15 آگسٽ تي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
منسٽري آف پبلڪ ايدمنسٽريشن جي اهلڪارن تصديق ڪئي آهي ته موڪل رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن تيار ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ بنگلاديش جي عبوري حڪومت ۾ گهرو معاملن واري وزير برگيڊيئر (ر) سخاوت حسين جو چوڻ هو ته 15 آگسٽ تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس مقرر ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.