ڪراچي مان 4 هفتن ۾ سمورا سائم بورڊ هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 4 هفتن اندر سمورا سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ خبردار ڪيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري ملڪيتن ۽ عوامي ماڳن تي سائن بورڊ، سياسي بئنر ۽ اشتهار لڳائڻ جي ڪيس تي ٻڌڻي ٿي.
سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ميئر ۽ ٻين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، ڊي ايڇ اي، ڪنٽونمينٽ بورڊز ۽ ٻين کي شهر مان سائن بورڊ هٽائڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ حڪمن تي عملدرآمد ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته چئن هفتن ۾ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته ميئر، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني بورڊ لڳائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جنهن به غير قانوني بورڊ لڳايا آهن، انهن خلاف ڪيس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.