هيءَ شروعات آهي، معاملو گهڻو پري ويندو: فيض حميد جي معاملي تي فيصل واوڊا جو ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته فيض حميد ۽ تحريڪ انصاف هڪ ئي نالو آهي، هيءَ شروعات آهي، معاملو گهڻو پري ويندو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته اڃا گهڻا وڏا بُت ڪرڻ وارا آهن، ڳالهه رڳو ڪرپشن تائين نه رهندي، پي ٽي آءِ جي ٽاپ ليڊر شپ به ان جو حصو آهي، فيض آباد ڌرڻو ڪيس ته تمام ننڍو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ پي ٽي آءِ زمين تي ليٽي پوندي.
هن چيو ته هي ملڪ لاءِ زبردست فيصلو آهي، جيڪو ملڪ کي نقصان پهچائيندو ان جو احتساب ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.