جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪامياب ٿي ويو ۽ بجلي مهانگي ٿي وئي: خالد مقبول صديقي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي سربراهه ۽ وفاقي تعليم واري وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته تمام آءِپي پيز کي مبارڪباد هجي جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪامياب ٿي ويو ۽ بجلي مهانگي ٿي وئي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي 75 سالن کان پاڪستان کي هلائڻ لاءِ ذميواري کنيو بيٺي آهي،  پاڪستان جي بجٽ جو 75 سيڪڙو ڪراچي ڏيندو آهي.

هن چيو ته پنهنجي قافلن کي لٽائي ڪراچي پهچندڙن هن شهر کي آباد ڪيو، ڪراچي واسين جي ٽئڪس سان ئي اسلام آباد آباد آهي، هندوستان اجڙيو ته پاڪستان ٺهيو،  ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڪراچي اجڙندو ته ٻيا شهر آباد ٿيندا.

ايم ڪيو ايم جي سربراهه چيو ته عمران خان کي ڪنهن سان به ڳالهه ٻولهه قبول ناهي، ملڪي مسئلن جو حل ڳالهيون ئي آهن، سمورن آءِ پي پيز کي مبارڪون هجي، جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪامياب ٿيو ۽ بجلي مهانگي ٿي وئي آهي.

هن چيو ته نيون سياسي پارٽيون ملڪ جي نه پر سياستدانن جي ضرورت ٿي سگهن ٿيون. خالد مقبول صديقي چيو ته اسان سنڌ جي گورنر جي تبديلي جي افواهن تي يقين نٿا رکون، سنڌ جي گورنر جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.