ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايڪشن هيرو جان ابراهم جو ڳاڻيٽو بالي ووڊ جي ڪامياب ۽ امير ترين ادڪارن ۾ ٿيندو آهي پر اڻکٽ دولت هئڻ باوجود اداڪار اڄ به شاهاڻي زندگي بدران هڪ عام طريقي سان زندگي گذارڻ کي اهميت ۽ ترجيح ڏئي ٿو.
هڪ تازي انٽرويو دوران جان ابراهم وچولي طبقي سان تعلق هئڻ باوجود هندي سئنما ۾ پنهنجي ڪامياب ڪيريئر تي روشني وڌي آهي.
انٽرويو دوران جان ابراهم ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته پئسي جو قدر ڪرڻ پئسو گڏ ڪرڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.
اداڪار چيو ته مڊل ڪلاس ڪٽنب سان تعلق هئڻ سبب هو اڄ به هڪ مضبوط ويليو سسٽم قائم رکيو پيو اچي جنهن کي هو پنهنجي لاءِ هڪ اثاثو سمجهي ٿو.
جان ابراهم واضح ڪيو ته هو اڄ به شاهاڻي زندگي بدران عام زندگي گذاري رهيو آهي، وٽس ايترا ڪپڙا آهن جيڪي هڪ ئي سوٽ ڪيس ۾ ماپي سگهن ٿا.
هن چيو ته منهنجو ڊرائيور مون کي هڪ مهانگي گاڏي رکڻ جي صلاح ڏيندو آهي پر ان باوجود مان هڪ پڪ اَپ ٽرڪ هلائيندو آهيان.
جان ابراهم وڌيڪ چيو ته جيئن منهنجو گهر آفيس کان سڏ پنڌ تي آهي انڪري هڪ مهانگي گاڏي رکڻ کي غيرضروري عمل سمجهان ٿو .
You might also like