لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڪڪڙ جي گوشت جا فڪس اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي
پنجاب جي لائيو اسٽاڪ ۽ زراعت واري وزير سيد عاشق حسين ڪرماڻي اعلان ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار سان ڪڪڙ جي گوشت جا فڪس اگهه مقرر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
پروپاڪستاني موجب، هن لاهور ۾ پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين محمد نصرت جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ملاقات ڪئي.
ان گروپ ۾ پنجاب پولٽري ايسوسيئيشن، پولٽري ٽريڊرز ايسوسيئيشن ۽ برائلر فارمرز ايسوسيئيشن جا نمائندا شامل هئا. اجلاس ۾ ڪڪڙ جي سپلاءِ چين ۽ قيمتن تي غور ويچار ڪيو ويو.
ملاقات دوران برائلر ڪڪڙ جي قيمتن جي مقرري لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو. سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ پنجاب انڪشاف ڪيو ته تازو ئي ڪڪڙ جي اگهه ۾ 70 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي، جنهن جو سبب طلب ۽ رسد جو مسئلو ناهي.
ان کان علاوه پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين محمد نصرت صوبائي لائيو اسٽاڪ واري وزير آڏو لاڳاپيل مسئلا ۽ خدشا ظاهرڪيا.
صوبائي وزير پولٽري ايسوسيئيشن جا خدشا ختم ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي راءِ وٺڻ بعد ڪڪڙ جي گوشت جا اگهه مقرر ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پيداوار جي لاڳت تي 15 کان 20 سيڪڙو منافعي جي مارجن جي اجازت ڏيندي ۽ موجوده بلند قيمتن کي گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪندي.