اڻوڻندڙ تصويرن ۽ وڊيوز جي روڪٿام بابت گوگل جو وڏو قدم

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل نامناسب تصويرن ۽ وڊيوز کي روڪڻ لاءِ اهم قدم کنيو آهن. ڪمپني واضح ڪيو آهي ته اي آءِ جي مدد سان ٺاهيل ڊيپ فيڪ مواد کي سرچ انجڻ ۾ ڀليڪار نه ڪيو ويندو.
گوگل پاران اهڙي طرح جي مواد کي سرچ انجڻ مان هٽائڻ لاءِ نئين پاليسي اختيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڊليٽ نه ٿيندڙ تصويرن ۽ وڊيوز کي سرچ رزلٽ ۾ تمام هيٺين سطح تي رکي وڃي،
گوگل پاران ماهرن جي مدد سان ان مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي ۽ ڊيپ فيڪ مواد خلاف سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي
گوگل انهن ماڻهن جي درخواست تي مواد هٽائڻ جو عمل آسان بڻائي رهيو آهي جيڪي ڊيپ فيڪ تصويرن يا وڊيوز جو نشانو بڻجن ٿا.
شهرين جي درخواست تي گوگل جا تمام سسٽمز ڊيپ فيڪ تصويرون ۽ وڊيوز کي هٽائي ڇڏيندا،
ڪمپني موجب، اهڙي طرح جي مواد کي سرچ انجڻ مان 100 سيڪڙو هٽائڻ تي ممڪن ناهي پر انهيءَ لاءِ سرچ رينڪنگ نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.