”پاڪستان اندر دهشتگردي جو خطرو وڌي ويو“ گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي بابت گڏيل قومن جي نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگردي جو خطرو وڌي ويو آهي.
گڏيل قومن جي رپورٽ موجب پاڪستان کي افغانستان ۾ پناهه وٺندڙ فتنا الخوارج (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين ويڙهاڪن کان خطرو آهي، جڏهن ته فتنا الخوارج (ٽي ٽي پي) پاڪستان ۾ پنهنجا حملا به تيز ڪري ڇڏيا آهن.
گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ طالبان، القائده سان فتنا الخوارج (ٽي ٽي پي) جو سهڪار وڌڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.