پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري، رقم ڪٿي خرچ ٿيندي؟

منيلا ( ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ چاليهه ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ چاليهه ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي، اِها رقم پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن، انفراسٽڪچر جي اڏاوت تي خرچ ٿيندي، منصوبي تحت سنڌ ۾ صحت جون بنيادي سهولتون بحال ڪيو وينديون.
ايشيا ترقياتي بئنڪ موجب، 2022ع ۾ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ ٽي ڪروڙ ٽيهه لک کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي، 21 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٻه سال گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثر عارضي گهرن يا شيلٽرز ۾ رهڻ تي مجبور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.