حڪومت پي ٽي آءِ ۽ فوج کي وڙهائڻ چاهي ٿي، فوج نيوٽرل رهي: عمران خان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته عمران خان ملاقات ۾ چيو ته فوج پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، نيوٽرل رهي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته اڄ جيل ۾ اسان جي وڪيلن کي اندر وڃڻ نه ڏنو ويو، جج صاحب کي پوليس وارن ٻڌايو ته وڪيل ناهن آيا ۽ جج صاحب ٻڌڻي ملتوي ڪري عدالت جي ڪمري ۾ هليو ويو .
عليما خان چيو ته عمران خان ملاقات ٿي، اڊيالا جيل جو انتظام هڪ ڪرنل جي هٿ ۾ آهي، عمران خان چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي اخلاقي طور هارائي چڪيون آهن، موجودا حڪومت چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ فوج آمهون کي وڙهائڻ چاهي ٿي.
هن ٻڌايو ته عمران خان چيو ته فوج پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، اسان نٿا چاهيون ته فوج ۽ عوام جي آمهون سامهون ڪيو وڃي، ملڪ قانون جي حڪمراني ۽ جهموريت نه هوندي ته ملڪ اڳتي ڪيئن وڌندو؟
عمران خان چيو ته ڪاروبار تباهه ٿي چڪو آهي، ماڻهو ملڪ ڇڏي چڪا آهن، فوج کي نيوٽرل رهڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.