لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف پنهنجي گهر ۾ پهرئين ٻار جي پيدائش جي ڪوڙين خبرن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي افواهه سامهون آيا هئا جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته حارث رئوف ۽ مزنا مسعود وٽ پهرئين ٻار جي پيدائش ٿي آهي.
مختلف سوشل ميڊيا واهپيدارن هڪ تازي ڄاول ٻار جي تصوير کي حارث رئوف جو پٽ قرار ڏنو جنهن جي هاڻ ڪرڪيٽر سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي.
اها تصوير ايڪس واهپيدارن صديق سميت ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدارن ۽ ڪجهه پيجز شيئر ڪيو هو.
25 جولاءِ جي رات حارث رئوف انسٽاگرام تي خاص اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته منهنجي ٻار بابت پيدائش جون خبرون ڪوڙيون آهن، مهرباني ڪري ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ ۽ ان تي يقين ڪرڻ کان پاسو ڪريو.
ڪرڪيٽر وڌيڪ لکيو ته سندس ذاتي زندگيءَ بابت ڪا به ڄاڻ جيڪا ڪنهن غير تصديقل ٿيل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي نظر اچي، اِها افواهه سمجهي وڃي.
ياد رهي ته حارث رئوف جو پنهنجي ويجهي دوست مزنا مسعود ملڪ سان ڊسمبر 2022ع ۾ نڪاح ٿيو هو، جڏهن ته ٻنهي جي شادي جولاءِ 2023 ۾ ٿي هئي.
Prev Post
You might also like