لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ قلم 144 تحت جلسن، جلوسن، ريلين، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لڳائي وئي. پنجاب جي گهرو کاتي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب پنجاب ۾ جلسن، جلوسن تي پابندي 3 ڏينهن لاءِ لڳائي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پابندي اڄ کان 28 جولاءِ تائين هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب امن امان جي قيام، انساني حياتين، عمارتن جي تحفظ لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي. دهشتگردي جي خطرن سبب پابندي لڳائي وئي، ڪو به عوامي ميڙاڪو دهشتگردن لاءِ سولو هدف ٿي سگهي ٿو، سڄي پنجاب ۾ انتظاميا حڪم نامي تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي.