“ خليل سان 15 ڏينهن کان رابطي ۾ هيس، تصويرون به اُماڻيون“جوابدار عورت جو بيان سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور شخصيت خليل الرحمان جي اغوا جي ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
خليل الرحمان قمر ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته 15 جولاءِ جي رات 12 وڳي هڪ عورت ڪال ڪئي ۽ چيو ته اوهان جي تمام وڏي مداح آهيان، انگلينڊ کان آئي آهيان ۽ اوهان سان گڏ ڊرامو ٺاهڻ چاهيان ٿي.
ايف آءِ آر موجب، ڊراما نگار چيو ته عورت ملاقات لاءِ چيو ۽ پنهنجي لوڪيشن به اُماڻي مان صبح سوير اٽڪل 4 وڳي سندس لوڪيشن تي پهتس، عورت ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيو، ان دوران دروزي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ته عورت چيو ڪو ڊليوري ڏيڻ آيو آهي، دروازو کوليو ته ست ڄڻا هٿيارن سان اندر داخل ٿيا ۽ گن پوائنٽ تي منهنجي تلاشي ورتي.
ايف آءِ آر موجب، خليل الرحمان قمر ٻڌايو ته گن پوائنٽ تي ئي اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي ٻه لک 87 هزار رپيا ڪڍريا ۽ هڪ ڪروڙ ڀنگ جو مطالبو به ڪيو ويو، انڪار تي تشدد ڪندا رهيا ۽ وري صبح 11 وڳي ننڪانه صاحب واري علائقي ۾ گاڏي سوڌو ڇڏي فرار ٿي ويا.
خليل الرحمان قمر سان واردات 15 جولاءِ تي ٿي پر ڪيس ڇهه گذرڻ بعد 21 جولاءِ تي داخل ٿيو جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کان اڳ ئي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري چڪي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ هني ٽريپ ڪندڙ ملزمه به شامل آهي، واردات ۾ استعمال ٿيندڙ ٽي گاڏيون، وائرليس سيٽ ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، ملزمه پوليس کي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هوءَ 15 ڏينهن تائين خليل الرحمان قمر سان رابطي ۾ هئي، جنهن دوران اسان جي وچ ۾ تصويرن جي ڏي وٺ به ٿي.
ٻئي پاسي ميڊيا موجب، خليل الرحمان قمر جي اغوا ۽ ڌاڙي واري ڪيس ۾ 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چار عورتون ۽ پنج مرد شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.