اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ ٻارن جي راند نه آهي.
اِها ڳالهه اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، شبلي فراز ۽ ٻين سان پريس ڪانفرنس ۾ چئي.
بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ حڪومت طرفان اعلان ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ويندي اسان ان بيان جي سخت مذمت ڪيون ٿا، اِها سراسر سپريم ڪورٽ جي توهين آهي ڇو ته سپريم ڪورٽ اسان کي رليف ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ جو حق آهي.
پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڏسڻ جي ڪا شئي نه هئي، ان کي رڳو ڏسي سگهجي پيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کي روڪڻ جو ڪو ٻيو طريقو ڪامياب نه ٿي سگهيو هاڻي هي پابندي به هڻي ڏسن. ناڪاري سوچ وارا هي ماڻهو پاڻ کي سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن چون ٿا.
پي ٽي آءِ تي پابندي جهڙو ڪو به فيصلو ملڪ کي وڌيڪ ڏڦيڙ ڏانهن وٺي ويندو، سياسي عدم استحڪام وڌندو.
ٻئي پاسي حڪومت طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي بابت اطلاعات واري وزير عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي وي ڏسندي خاص طور تي هاڻوڪي پريس ڪانفرنس کانپوءِ مشتاق احمد يوسفي مرحوم ياد آيو.
ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته ڪجهه دوستن جي مشتاق احمد يوسفي سان ويجهڙائي هئي، ڪراچي ۾ ٿورن مهينن کانپوءِ کچڙي جي دعوت تي ضرور ملاقات ٿيندي هئي.
اڳوڻي صدر چيو ته پنهنجي هڪ دوست مرزا کي اڪثر چوندو هو ته ميان تون ڳالهيون ته ماڻهن جهڙيون ڪرين ٿو پر خدا ڄاڻي جذبات تنهنجا گهوڙي جهڙا آهن. ان ۾ عقل جو ذڪر ناهي نه ته هو ڪنهن ٻئي جانور سان به ڀيٽ ڏئي سگهي پيو.
هوڏانهن ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ملڪ جي مقبول پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو جعلي حڪومت جي خواهش کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.
پنهنجي بيان ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاور چيو ته مينڊيٽ چورن جي حڪومت جا هوش خطا ٿي ويا آهن، مخصوص سيٽن تي فيصلي سان کين تڪليف ٿي رهي آهي؟
وڏي وزير چيو ته موجودا مينڊيٽ چور سرڪار ماضي ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو هو، جعلي حڪومت کي پنهنجو خاتمو نظر اچي رهيو آهي، انڪري بيوقوفاڻا بيان ڏئي رها آهن.
پي ٽي آءِ تي پابندي جو اعلان حڪومت جي شڪست جو اعتراف آهي: تحريڪِ انصاف قيادت جو ردعمل
Prev Post
You might also like