آءِ ايم ايف کي ايس آءِ ايف سي منصوبن ۾ منافعي جي ضمانت تي خدشا، مراعتن جي به مخالفت

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالرن جي مالي معاهدي تي اسٽآف ليول معاهدو معاهدو ٿي ويو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 37 مهينن لاءِ توسيع فنڊ سپورٽ پروگرام جي  حتمي منظوري ڏيندو. عالمي اداري ايس آءِ ايف سي رٿائن ۾ منافعي جي ضمانت ۽ خاص مراعتن تي خدشا ڏيکاري ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف سان معاهدو پاڪستان جي ترقياتي ۽ ٻه طرفي ڀائيوارن کان ضروري مالي يقينن جي بروقت تصديق سان مشروط آهي.  آءِ ايم ايف اسپيشل اڪنامڪ زونز کي ڏنل ٽيڪس مراعات ۽ فوجي قيادت ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي نگراني ۾ لاڳو منصوبن تي منافعي جي ضمانت تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ان حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته مالياتي معاهدي بابت صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون جاري آهن ۽ صوبن اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي. آءِ ايم ايف جي اعلان موجب پاڪستاني اختياريون آءِ ايم ايف جي شرطن تحت اسپيشل اڪنامڪ زونز لاءِ رعايتون ختم ڪنديون. زرعي امدادي قيمتون ۽ لاڳاپيل سبسڊيز کي به ختم ڪيو ويندو ۽ نئين ريگيوليٽري يا ٽيڪس جي بنياد تي مراعات کان پاسو ڪيو ويندو۽ ڪا به ضمانت واري واپسي جيڪا شايد سيڙپڪاري جي منظر کي خراب ڪري سگهي ٿي  جن ۾ خاص سيڙپڪاري وارا منصوبا شامل آهن ۽ SIFC (Special Investment Facilitation Council) پروجيڪٽ کي خاص سهولتن ۽ مراعتن کان پاسو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.