عمران خان اسٽيبلشمينٽ لاءِ مٿي جو سور بڻيل، پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ لاءِ رابطا شروع

اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني) ٽن ڪيسن ۾ بري ٿيڻ باوجود پي ٽي آءِ باني عمران خان اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس منصور علي شاهه آئين پسند جج طور سڃاتو وڃي ٿو پر مخصوص سيٽن بابت سندس فيصلي ۾ ڪجهه قانوني خاميون رهجي ويون آهن، پي ٽي آءِ جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي فيبروري ۽ مارچ ۾ ڏنيون ويون هيون،سينيٽ چونڊ ۽ صدارتي چونڊ ۾ اهي سيٽون ڪائونٽ ٿيون، ان فيصليي ۾ جسٽس منصور علي شاهه پي ٽي آءِ جون ورهايل مخصوص سيٽون مئي جي مهيني کانپوءِ غيرقانوني قرار ڏنيون، اليڪشن ڪميشن جو اهو عمل پهرين ڏينهن کان غيرآئيني قرار ڏنو وڃي ها،لڳي ٿو ته ڄاڻي واڻي صدارتي چونڊ کي ڇوٽ ڏني وئي آهي،جسٽس منصور علي شاهه سميت 8 ججن جي اڪثريتي فيصلي تي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا صدر آصف زرداري جي صدارتي چونڊ کي تحفظ ڏنو ويو آهي؟  مئي کانپوءِ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ايم اين اي پهرين ڏينهن کان وٺي غيرآئيني قرار ڇو نه ڏنا ويا؟ 184(3) تحت جن ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو سپريم ڪورٽ انهن کي ته ٻڌو ئي ناهي، بنيادي حقن وارو عنصر ڇو نظرانداز ڪيو ويو؟ چوٿون سوال اهو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ هاءِ ڪورٽ جي حدن کي به پار ڪندي، ان فيصلي تي عملدرآمد هاءِ ڪورٽون ڪرائينديون آهن، پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ پاران پي ٽي آءِ جي هڪ اهم اڳواڻ سان رابطو به ڪيو ويو آهي، ان کي چيو ويو آهي ته جيڪي ميمبر قيادت کان ڪاوڙيل آهن انهن سڀني کي گڏ ڪيو وڃي، فارورڊ بلاڪ جوڙڻ لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن سان باقاعده رابطا جاري آهن،ايندڙ ڏينهن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي سگهي ٿي، باغي ميمبرن پاران اهو بهانو بڻايو ويندو ته پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت پاران کين لفٽ نه پئي ڪرائي وڃي نه ئي سندن جائز مطالبن ۽ ڳالهين کي ٻڌو وڃي ٿو،ان حوالي سان اهي پي ٽي آءِ جو سرٽيفڪيٽ جمع نه ڪرائيندا ۽ آزاد ميمبر طور رهڻ پسند ڪندا

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 14 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.