ڪراچي (پ ر) سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽسشنرز جو ٻيو ساليانو اجلاس ڪميشن چيئرمين جسٽس (ر) نذر اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس تي اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي، چيئرمين تجويز ڏني ته نصرالله گڏاڻي ڪيس لاءِ سکر سان واسطو رکندڙ هڪ فوجداري ڪيسن جي وڪيل کي جاچ آفيسر نامزد ڪيو وڃي، جنهن کي ڪميشن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو.
ڪميشن جي ميمبرن کي جان محمد مهر ۽ حيدر مستوئي جي ڪيسن بابت به آگاهه ڪيو ويو.
اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي نمائندگي تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميشن ۾ پنهنجا نمائندا نامزد ڪرڻ لاءِ ٻنهي ادارن کي ياد ڏياريندڙ خط اماڻيو ويندو.
اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان، شاهه نواز سومرو ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتو، امتياز احمد شيخ اسپيشل سيڪريٽري قانون کاتو، پروفيسر توصيف احمد خان ايڇ آر سي پي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، سي پي اين اي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
nasrullahgadani awamiawaz ghotki