ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ نجي اداري جي جاچ رپورٽ موجب پاڪستاني شهري حج، عمري ۽ زيارتن تي 3.5 ارب ڊالر ساليانو خرچ ڪن ٿا.
نجي اداري جي جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمري تي سراسري طور 2 ارب ڊالر، حج تي هڪ ارب ڊالر ۽ زيارتن تي ڏهائي 5 ارب ڊالر جو خرچ ٿئي ٿو.
جاچ رپورٽ موجب هن سال ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ تي 2.5 ارب ڊالر جا جانور قربان ڪيا ويا ۽ مجموعي خرچ 3 ارب ڊالر ٿيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر سال قرباني جي جانورن جي کلن مان ليدر سيڪٽر جون 37 سيڪڙو گهرجون پوريون ٿين ٿيون.
hajj umrah saudiarabia