ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مڪران ڊويزن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.
ڪوئيٽا مان ڪيسڪو عملدارن موجب ايران کان گوادر، ڪيچ ۽ پنجگور گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي معطل آهي.
ڪيسڪو عملدارن ٻڌايو ته ايران ۾ بجلي جي طلب ۾ واڌ سبب بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي.
متاثر گرڊ اسٽيشنن ۾ مند، تمپ، تربت، هوشاب، پنجگور، جيواڻي، گوادر ۽ ڊور گرڊ شامل آهن، جڏهن ته گوادر ڊيپ سي پورٽ، نيو گوادر ايئرپورٽ، پسني ۽ اورماڙا گرڊ اسٽيشنون به متاثر ٿيون آهن.
ڪيسڪو عملدارن موجب هو بجلي جي بحالي بابت ايراني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهن، پنجگور ۽ تربت کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍيو ويو آهي، اميد آهي ته ايران مان بجلي جي بحالي سان صورتحال جلد معمول تي اچي ويندي.
balochistan makran wapda