ڪراچي ( پورٽر) عوامي آواز ميرپور ماٿيلي جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي وارثن قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاجي ڪئمپ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن جا مطالبا منظور نه ڪرڻ خلاف سندن وارثن جو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مستقل احتجاجي ڪئمپ به قائم ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سان شهيد صحافي جي امڙ پٺاڻي ۽ يعقوب گڏاڻي ملاقات ڪئي.
شهيد صحافي جي امڙ جو چوڻ آهي ته وڏي وزير پاران به اسان جا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي وئي پر عمل نه ٿيو آهي، جنهن تي اسان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو جاري رکندي مستقل احتجاجي ڪيمپ جاري رکڻ جو اعلان ڪيون ٿا.
هن چيو ته سڀاڻي سنڌ جي شعور سان گڏجي ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويندو.
nasrullahgadani ppp muradalishah