ڪراچي (پ ر) ملڪ جي نامور ماحولياتي ماهر ناصر علي پنهور سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان سميت سڄي دنيا کي پيش ماحولياتي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جلد ماحوليات جي حوالي سان هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪندي، جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ماحوليات جي ماهرن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.
هن 2022ع ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب آيل تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلين سبب خاص ڪري پاڪستان جو عوام سخت گرمي، ٻوڏ ۽ تيز برساتن جهڙن مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي.
ناصر علي پنهور چيو ته عوام کي ماحولياتي چئلينجز کان آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ملڪ جي هر شهريءَ کي هر سال هڪ وڻ لازمي طور پوکڻ گهرجي.
ان موقعي تي ناصر علي پنهور ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ کي پنهنجي تازي ڪتاب ”Earthly Matters“ جي ڪاپي پڻ پيش ڪئي.
Prev Post
You might also like