مالي سال 2024 ۾ ڪيترا پاڪستاني روزگار لاءِ ٻاهر ويا؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مالي سال 2024 ۾ پاڪستان مان 7 لک 89 هزار 837 ماڻهو روزگار لاءِ ٻاهرئين ملڪ هليا ويا.
بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايپلائمينٽ موجب گذريل مالي سال 2023 ۾ پاڪستان مان 8 لک 11 هزار 469 ماڻهو روزگار لاءِ ٻاهرئين ملڪ هليا ويا هئا.
ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائمينٽ عبدالشڪور سومرو چيو ته مالي سال 2024 ۾ سعودي عرب کان ويزا جاري ٿيڻ ۾ مسئلا رهيا ۽ سعودي اڪثر ويزا ليبر ڪلاس کي جاري ڪيا.
هن چيو ته ان ئي عرصي ۾ گڏيل عرب امارتن پروفيشنل ڪيٽيگرين ۾ ويزا جاري ڪيا آهن، جڏهن ته پروفيشنل ورڪرز جي گهر آمريڪا ۽ يورپ ۾ وڌي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.