اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس اٿارٽي (اوگرا) گئس جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب ڪيپٽوپاور پلانٽس لاءِ پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 250 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهريلو واهپيدارن سميت ٻين سمورن سيڪٽرز لاءِ گئس جا اگهه برقرار رهندا.
واضح رهي ته اي سي سي پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ ردوبدل جي منظوري ڏني هئي.
Pakistan OGRA Gas