مسلم ليگ ن جي اهم اڳواڻ پارٽي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عباس آفريدي به ن پارٽي کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عباس آفريدي باقاعدا استعيفيٰ صوبائي صدر 7 جنرل سيڪريٽري احسن اقبال جي نالي موڪليو.
ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ذاتي مصروفيات جي بنا تي سياست ڇڏي رهيو آهيان ۽ ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار نه ڪندس.
هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف قوم سان جيڪا شڪايت ڪئي هئي اها صحيح هئي، سينئر قيادت نواز شريف سان وفا نه ڪئي، مسلم ليگ ن جي قائد وٽ هاڻي ڪا ايگزڪيوٽو ناهي جو هو ڪجهه ڪري سگهي.
عباس آفريدي شڪايت ڪئي ته آپريشن عزم استحڪام جي مامري تي مون کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، معيشت جي بحالي جو پلان ڏنو پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي.
Pakistan NLeague

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.