ڪي اين شاهه ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ: ارشد ٻگهيو) خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڀاءُ قتل ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
خيرپور ناٿن شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمع لاکير ۾ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر نظير ڪلهوڙو ۽ نصير ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيا، کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ 40 ورهين جي نظير ڪلهوڙو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
هوڏانهن پوليس جوابدار ڌر جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

knshah dadu larkana

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.