لاهور(ويب ڊيسڪ) معصوم ۽ خوبصورت پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر انڪشاف ڪيو آهي ته ماضيءَ ۾ هوءِ ڪنهن ڇوڪري تي فدا هئي، پر هاڻي ان جي شادي ٿي وئي آهي.
اداڪارا هانيا عامر تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڪيرئير سميت مختلف معاملن تي کُلي ڪري ڳالهايو.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هاڻي ڪو اهڙو ڇوڪرو پسند ناهي پر ماضيءَ ۾ هڪ هو، جنهن جي شادي ٿي وئي.
هن جو چوڻ هو ته ان ڇوڪري سان اڄ ڏينهن تائين دوستي آهي، جيڪڏهن نالو کڻندس ته پوءِ سڀني کي خبر پئجي ويندي.
pakistan haniaamir actress