ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 15 سيڪڙو جي اضافي بعد 1 ارب 73 ڪروڙ ڊالر رهيو.
اسٽيٽ بينڪ طرفان مالي سال 24-2023 ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري بابت جاري ڪيل انگ اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 11 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 15 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 1 ارب 73 ڪروڙ ڊالر رهيو.
چين جي سيڙپڪارن 52 ڪروڙ،هانگ ڪانگ جي سيڙپڪارن 32 ڪروڙ ڊالرز جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي.
اسٽيٽ بينڪ موجب مئي ۾ ملڪ ۾ 27.1 ڪروڙ ڊالر جي براءِ راست پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي وئي جڏهن ته اپريل ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 36 ڪروڙ ڊالر هو.
pakistan foreign dollars
You might also like