پاڪستاني فنڪار چاهت فتح علي خان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي بعد قومي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
لنڊن ۾ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چاهت فتح علي خان جو چوڻ هو ته لنڊن جي اسڪول ٽيم جو ڪپتان ٿيس ته عاقب جاويد جي والد کيس مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين ته هن جو ٽرائل وٺو، مون عاقب ٽرائل وٺي هن کي اسڪول ٽيم ۾ رکيو هو.
قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس سان لنڊن جي فليٽ ۾ گڏ رهڻ جي حوالي سان چاهت فتح علي خان ٻڌايو ته وقار يونس مون سان ٽي مهينا گڏ رهيو.
هن چيو ته گهڻي وقت کان ٻڌان پيو ته پاڪستان جي ٽيم جا 2 ڪوچ آهن، چار ڪوچ ۽ ڪنهن محل وري پنج ڪوچ هوندا آهن، ڪوچ هڪ ئي سٺو لڳندو آهي جنهن کي خبر هوندي آهي ته رانديگرن کان ڪيئن ڪم وٺجي، مان اڪيلو ئي فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ ڪوچ هوندس.
Pakistan ChahatFatehAliKhan Singer
You might also like