ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا هٿان اسڪاٽ لينڊ کي شڪست

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 35 هين مئچ ۾ آسٽريليا اسڪاٽ لينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
اسڪاٽ لينڊ پهريان کيڏندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي آسٽريليا کي 181 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو آسٽريليا 19.4 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو.
اسڪاٽ لينڊ جو جارج منسي 35،برينڊن ميڪ مولن 60 ۽ رچي بيرنگٽن 42 رنسون اسڪور ڪري سٺو ٽارگيٽ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
آسٽريليا جي بالر گلين ميڪسيول چئن اوورن ۾ 44 رنسون ڏئي 2 شڪار ڪيا، ٽريوس هيڊ 68 ۽ مارڪس اسٽوائنٽس59 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
آسٽريليا جي ٽيم گروپ بي ۾ سموريون مئچون کٽي پهرين پوزيشن تي آهي.
ان کان پهريان اسڪاٽ لينڊ جي ٽن مئچن ۾ پنج پوائنٽن هئا، اسڪاٽ لينڊ 2 مئچ کٽيا آهن جڏهن ته برسات سبب متاثر ٿي هئي.
T20Worldcup Scotland Australia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.