والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو نه مڃڻ تي ارونڌتي راءِ خلاف دهشتگردي جو ڪيس هلندو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو مڃڻ کان انڪار تي جڳ مشهور ڀارتي ليکڪه ارونڌتي راءِ تي ڀارت ۾ دهشتگردي روڪ قانونن تحت ڪيس هلايو ويندو.
ارونڌتي راءِ 2010 ۾ نئين دهلي ۾ ڪشمير بابت رٿيل تقريب ۾ چيو هو ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو اڻٽٽ حصو ناهي رهيو، ڀارتي فوج ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪيو ۽ ڪشمير جي آزادي جي هر ممڪن ڪوشش ٿيڻ گهرجي.
مودي حڪومت جي تڪراري دهشتگردي روڪ قانون ۾ شڪي فرد کي الزام لاڳو ڪرڻ کانپوءِ 180 ڏينهن قيد ۾ رکي سگهجي ٿو.
بڪر پرائز جو اعزاز حاصل ڪندڙ 62 ورهين جي ڀارتي ليکڪه ڀارت ۾ اقليتن خلاف امتيازي پاليسين، قانونن ۽ معاشي اڻ برابري خلاف مودي حڪومت جي سخت ناقد رهي آهي.

arundhatiroy india newdelhi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.