اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ ( اي ڊي بي ) پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اي ڊي بي موجب، پاڪستان کي ملندڙ قرض نجي ڀائيواري ذريعي بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن ۾ سيڙپڪاري لاءِ آهي.
اي ڊي بي چيو آهي ته پروگرام نجي ڀائيواري ذريعي حڪومتي پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ مددگار آهي جڏهن ته اِهو پروگرام اسان جي پبلڪ سيڪٽر مئنيجمينٽ سپورٽ جي گڏيل پئڪيج جو حصو آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب، ان پروگرام ذريعي پاڪستان کي ان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
ADB Pakistan