”سائفر ڪيس جو فيصلو عمران خان جي فتح آهي“

اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار سهيل  وڙائچ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس مان بريت بابت چيو آهي ته عمران خان جي فتح ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جو ٺاهيل ڪيس غلط ثابت ٿي ويو آهي، قانوني فتح جا پي ٽي آءِ جي سياست تي هاڪاري ۽ حڪومت تي ناڪاري اثر پوندا. هن وڌيڪ چيو ته عدليه ۽ حڪومت جي وچ ۾ وڇوٽيون پئدا ٿي رهيون آهن، پاڪستان ۾ عام طور تي عدليه جا فيصلا مڃيا ويندا آهن، پر هاڻ لڳي ٿو ته اسان ان طرف وڃي رهيا آهيون جو عدليه ۽ سگهارين ڌرين ۾ ويڇا نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته تضادن ۾ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر ڪو به تڪرار نه ٿيڻ گهرجي.

ImranKhan PTI ciphercase

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.