اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي شاهراهه دستور تي پوليس اهلڪار کي گاڏي جو ٽڪر هڻي زخمي ڪندڙ عورت برطانوي سفارتڪار نڪتي.
برطانوي هاءِ ڪميشن جي ٿرڊ سيڪريٽري خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ لاپرواهي ۽ اشارو ٽوڙڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي هاءِ ڪميشن جي ٿرڊ سيڪريٽري ٽريفڪ اشارو ٽوڙيو ۽ تيز رفتار گاڏي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، واقعي ۾ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو.
ايف آءِ آر موجب زخمي پوليس اهلڪار امير داد ڪاڪڙ سيڪيورٽي ڊويزن ۾ مقرر آهي.
islamabad london uk