مشهور ڪاميڊين تابش هاشمي ملڪي سياست ۾ هاڻوڪي صورتحال تي پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪندي جلد سياست ۾ انٽري جي خواهش ڏيکاري ڇڏي آهي.
تازو ئي انٽرويو ۾ ڪاميڊين تابش هاشمي ملڪي سياسي منظرنامي جي حوالي سان پنهنجا خيال پيش ڪيا، جنهن ۾ هن پرستارن کي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات جو اشارو ڏنو.
پروگرام ۾ ميزبان طرفان پاڪستان جي ترقي ۽ سياسي جماعتن ۽ سياستدانن جي ڪردار جي حوالي سوال ڪيو.
جنهن جي جواب ۾ تابش هاشمي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته هر اليڪشن مهم ۾ عوام کي اهو چيو ويندو آهي، اسان جو منشور اهو آهي تهٿ ملڪ ۾ خوشحالي آندي ويندي.
تابش هاشمي جو چوڻ هو ته وڏن دعوائن باوجود سياسي جماعتون تبديلي آڻڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿي سگهيون انڪري منهنجو ڪو به پسنديدا سياستدان ناهي پر مون پنهنجو ووٽ جو فرض ايمانداري سان ادا ڪندو آهيان.
TabishHashmi Pakistan Politics