شارجا ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن جي شهر شارجا جبلن جي 9 سئو فٽ بلندي تي 2 فٽبال اسٽيڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سپريم ڪائونل جي رڪن ۽ شارجا جي حڪمران شيخ ڊاڪٽر سلطان بن محمد القاسمي گذريل ڏينهن ڪلبه فٽبال ڪلب ۽ خورفڪن فٽبال ڪلب لاءِ اونچائي تي اسٽيڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته فٽبال ڪلب لاءِ جبلن جي بلنديءَ تي اسٽيڊيم ٺاهيو وڃي ته جيئن گهم کان پاڪ ماحول فراهم ڪري رانديگرن لاءِ راندين جي حالتن کي بهتر بڻائي سگهجي.
ميڊيا رپورٽ موجب، ڪلبه فٽبال ڪلب لاءِ اسٽيڊيم سطح سمنڊ کان 850 فٽ بلندي جڏهن ته خورفڪن فٽبال ڪلب لاءِ نوَ سئو فٽ بلندي تي اڏيو ويندو.
ٻڌايو پيو وڃي ته نئين اسٽيڊيم ۾ گرمي پد ۾ اٽڪل ڏهه ڊگري جو فرق پوندو.
You might also like