مايا ناز قومي فاسٽ بالر محمد عامر جي اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين واٽسن سان ڪهڙي ڳالهه تي ڏند چڪ ٿي؟
ڪرڪيٽر محمد عامر تازو ئي نجي ٽي وي کي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي نجي ۽ پروفيشنل زندگي تي کلي ڳالهايو.
شو دوران اينڪر سوال ڪيو ته اوهان فيلڊ ۾ سڀ کان گهڻو ڪهڙي ملڪ جي رانديگر کي ڪاوڙ ڏيکاري هئي؟ سوال جي جواب ۾ کلندي هن جواب ڏنو ته اهڙا ڪيترائي بيٽسمين آهن نالا کڻڻ مشڪل آهي، جنهن رانديگر سان گهڻو ڪري فيلڊ ۾ ويڙهه ٿيندي هئي اهو شين واٽسن آهي.
پنهنجي ڳالهه ٻولهه جاري رکندي عامر ٻڌايو ته مونکي خبر هوندي هئي ته شروعات ۾ ئي واٽسن کي تيز ۽ سوئنگ بال نه ڪرايا ته منهنجي لاءِ مشڪل ٿي ويندو، انڪري بالنگ دوران مان واٽسن کي مختلف لفظ چئي ڪري چڙائيندو به هئس ته جيئن هو جلدي آئوٽ ٿئي.
شو ۾ عامر جو چوڻ هو ته انگلينڊ جو رانديگر اليڪس هيلز اردو ٻولي جون گهڻيون ڳالهيون سکي ويو آهي، هو جڏهن به ملندو آهي ته ذڪر ڪندو آهي.
MuhammadAmir PakistanCricket PakvsENG2024