سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي شاگردن جي سوسائٽيز جون چونڊون اڄ ٿينديون

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ جي نگراني هيٺ يونيورسٽيءَ جي اٺن اسٽوڊنٽس سوسائٽيز (اسوڊنٽس ڪائونسل) جون ساليانيون چونڊون اڄ (خميس ڏينهن. 23 مئي) يونيورسٽيءَ ۾ ٿي رهيون آهن.

ووٽنگ جو عمل صبح 10 وڳي شروع ٿيندو ۽ 2 وڳي ختم ٿيندو. اسٽوڊنٽس ڪائونسل اٺن شاگردن جي سوسائٽيز تي مشتمل آهي، جن ۾ سائنس سوسائٽي، ڊبيٽنگ سوسائٽي، ڪميونٽي سروس سوسائٽي، ڪئريڪٽر بلڊنگ سوسائٽي، ادبي سوسائٽي، آرٽس سوسائٽي، اسپورٽس سوسائٽي ۽ ميوزڪ سوسائٽي شامل آهن.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته اها سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي هڪ منفرد ۽ جمهوري خاصيت ۽ روايت آهي ته ان جي شاگردن جون اٺ سوسائٽيز شاگردن کي سندن ليڊرشپ جي ڪردار ۾ تيار ڪرڻ سان گڏ کين مقابلي ذريعي جمهوري قدرن جي سکيا ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهيون آهن.

هن اميد ظاهر ڪئي ته شاگردن جي سوسائٽيز جي چونڊن جو سمورو عمل پرامن ۽ جمهوري هوندو ۽ شاگرد آزاديءَ سان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ محمد نعيم احمد چونڊن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن جي پينلس کي ساراهيو ۽ مختلف سوسائٽين جي ميمبرن کي صلاح ڏني ته هو نظم و ضبط برقرار رکندي اليڪشن ۾ حصو وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.