لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته ٻڌايو وڃي 1993 ۾ ڇو اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
ن ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پارٽي جي بهترين ساٿين تي سنگين ڪيس ٺاهيا ويا، ڏکين حالتن ۾ ن ليگ بهادري سان مقابلو ڪيو، ٻڌايو وڃي ته 1993 ۾ اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڇو ڪيو ويو؟ اسان جي حڪومت جاري رهي ها ته اسان جو ملڪ دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ حاصل ڪري چڪو هجي ها.
هن چيو ته اسان ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، اهو نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ ۾ مارشل لا هنيو ويو، ان کانپوءِ جعلي ڪيس ڀوڳيا ۽ سزا ٻڌائي وئي، ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ تي مون کي موت جي سزا ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي 70 سالن جي تاريخ واقعن جا ڀري پئي آهي، جلا وطني کانپوءِ واپس آيس ۽ 2013 ۾ ٻيهر اسان جي حڪومت آئي، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 2013 ۾ بني گالا ويو هيس، بني گالا ۾ ان وقت سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي هئي، سازش ڪري ڌرڻا شروع ڪيا ويا هئا.
#Nawazsharif #Pmln #shahbazsharif