اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي ڪرغزستان جي سفارتخاني جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڊيمارش لاءِ طلب ڪري ورتو.
پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪرغز سفارتخاني جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن تي تشدد جي رپورٽن تي گهري ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ڪرغز حڪومت کي پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن.
پرڏيهي کاتي طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت سڄي دنيا ۾ وطن واسين جي تحفظ ۽ سلامتي جي معاملي کي سنجيدگي سان وٺندي آهي ۽ انهن جي سار سنڀال يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي آهي.
#kyrgyzstan #Pakistan #Bishkek