لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي شهباز شريف کي قائم مقام پارٽي صدر نامزد ڪري ڇڏيو.
ن ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف، نواز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ سينيئر پارٽي ميمبرن طرفان شهباز شريف کي قائم مقام پارٽي صدر نامزد ڪيو ويو، جنهن جي ٻين ميمبرن طرفان حمايت ڪئي وئي.
ان حوالي سان ن ليگ اڳواڻ سيف الملوڪ کوکر چيو ته شهباز شريف 28 مئي تائين ن ليگ جو قائم مقام صدر رهندو، جڏهن ته 28 مئي تي جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ نواز شريف کي پارٽي صدر چونڊيو ويندو.
#Nawazsharif #Shahbazsharif #PMLN