وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب سوشل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي بابت تجويز ڪيل پيڪا ترميمي بل 2024 پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي قانوني سڌارن بابت ڪميٽي جي تجويز ڪيل ترميمي بل تي مشاورت لاءِ اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب اٿارٽي جي قيام لاءِ ميڊيا هائوسز، ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي به مشاورت جي دعوت ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ ان معاملي تي ڪابينا جي ڪميٽي ٺاهي هئي، جنهن جو ڪم مشاورت ڪرڻ آهي، سوشل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ڊجيٽل حقن بابت معاملن تي حڪومت کي تجويزون ڏيندي.
ذريعن موجب اٿارٽي انٽرنيٽ جي ذميواراڻي استعمال ۽ ضابطن تي عمل يقيني بڻائيندي، تجويز ڪيل اٿارٽي طرفان آن لائن مواد کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو معاملو به غور هيٺ ايندو، سوشل ميڊيا تي قانون جي ڀڃڪڙين جي جاچ بابت طريقي ڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورت ۾ سوشل ميڊيا قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن ۽ شاهدن کي طلب ڪرڻ جو معاملو به غور هيٺ ايندو، بل شهرين جي نجي زندگي کي سوشل ميڊيا جي خطرن کان تحفظ ڏيڻ لاءِ آندو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.