ڪرغزستان ۾ مقامي ماڻهن جا پرڏيهي شاگردن تي حملا، ڪيترائي پاڪستاني شاگرد به زخمي

بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ) ڪرغزستان جي تخت گاهه بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ مڇريل مقامي شاگردن پاڪستاني شاگردن تي به حملا ڪيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرغزستان جي تخت گاهه بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن ۾ جهيڙو ٿيو، مڇريل ڪرغز شاگردن پاڪستاني شاگردن جي هاسٽلز تي به حملا ڪيا، جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
مڇريل ڪرغز شاگردن پاڪستاني نوجوانن جي هاسٽلز تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پاڪستاني شاگردياڻين کي به هراسان ڪيو.
هڪ پاڪستاني شاگرد ٻڌايو ته هاسٽل ۾ موجود ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تي تشدد ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته جهيڙو ڪرغز شاگردن طرفان مصري شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ تي ٿيو، مصري شاگردن طرفان ڪرغز شاگردن خلاف ردعمل کانپوءِ معاملو وڌي ويو، ڪرغز شاگرد سڄي بشڪيڪ ۾ پرڏيهي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي حملا ڪري رهيا آهن.
هوڏانهن ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم پاڪستاني شاگردن کي حالتون معمول تي اچڻ تائين گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن ٻڌايو ته مقامي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ۽ پاڪستاني شاگردن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.