ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ڪيبينيٽ سيڪريٽري، پرائم منسٽر سيڪريٽريٽ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران پڇاڻي تي درخواستگذار ٻڌايو ته ڊپٽي پرائم منسٽر کي 90 لک رپين جي برابر مراعتون ملنديون، جڏهن ته آئين ۾ ڊپٽي وزيراعظم جي گنجائش ئي ناهي.
ان تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم ان ڪري رکيو آهي ته جيڪڏهن ان جو تختو اونڌو ٿي وڃي ته پويان معاملا ڏسڻ وارو هجي، اڄڪلهه هونئن به اهڙا خدشا ته آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين کان 30 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو.
Prev Post
You might also like